خانقاهه مصري شاهه

خانقاهه مصري شاهه

خانقاهه مصري شاهه

خانقاهه مصري شاهه: صوفي شاعر ۽ سنڌي ڪافيءَ جي بادشاهه مصري شاهه جي خانقاهه نصرپور شهر جي وچ ۾ واقع آهي. هن خانقاهه ۾ ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ مصري شاهه جي قبر کان علاوه هڪ عليحده ڪمرو به آهي، جنهن ۾ مصري فقير پنهنجي دوستن ۽ مريدن سان گڏ سماع جون محفلون ٻڌندو هو. هن خانقاهه جي بناوت ۽ ٻاهريون ڏيک سنڌي روايتي گهر جهڙو آهي. قطار ۾ 8 ڪمرا، درين ۽ روشندانن سميت آهن، جن ۾ ڪاٺ جا ٻه تاڪاوان در لڳل آهن. ڪمرن اڳيان مستطيل شڪل جو ڪشادو ورانڊو آهي، جنهن ۾ جنڊي سان ٺهيل ڪاٺ جا گول ونگاوان لنگهه آهن. جن جي مٿان جنڊيءَ جون ڄاريون ڏنل آهن. مٿن نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. خانقاهه جي سموري عمارت کي ڪاٺ جي ڇت ڏنل آهي ۽ سهاري لاءِ ڪاٺ جا گول ستون به ڏنا ويا آهن، جن تي جنڊي جو ڪم ٿيل آهي. ڪاٺ جي حفاظت لاءِ مٿان سيمنٽ سان ڌار ڇت ڏني وئي آهي. هن خانقاهه ۾ هڪ وسيع اڱڻ به آهي، جتي هڪ قديم کوهه اڄ به اصلوڪي حالت ۾ موجود آهي. خانقاهه اندر مصري شاهه جو شجرهِ لڳل آهي، اتي ساز، هٿيار ۽ استعمال جون ڪي شيون پڻ رکيل آهن، جيڪي اتان جي سجاده نشين سيد مريد شاهه سنڀالي رکيون آهن. ان کان سواءِ هتي چانور جو هڪ اهڙو داڻو به موجود آهي، جنهن تي ڪلمه طيبه درج آهي. اهو فن 1136 هه/ 1725ع ۾ سيد قادر شاهه رضوي شروع ڪيو. مصري شاهه جي مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو انگ سندس مزار تي اچي فاتح خواني ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو